SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Korean War

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kəriən
  • ər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Korean War

ڪورين وار

ڪوريائي جنگ

25 جون 1950ع کان 27 جولاءِ 1953ع تائين وڙهي ويندڙ، هن گهرو جنگ جو ظاهري سبب، اترڪوريا طرفان 38 ويڪرائي ڦاڪ واري سرحدي پٽي اورانگهي ڏکڻ ڪوريا مٿان يلغار ڪرڻ هو. جيتوڻيڪ جرمنيءَ جيان 1945ع ۾ ڪوريا به ٻن حصن ۾ ورهائجي چُڪي هئي ۽ اهي ٻئي حصا هڪٻئي سان ٺهيل هئا، پر حقيقت ۾ هيءَ جنگ سوويت روس ۽ آمريڪا درميان هلندڙ سرد جنگ جو حصو هئي. هڪ ڪڙي حقيقت موجب سوويت يونين طرفان اُتر ڪوريا جي صدر ’ڪم ال سنگ‘ کي ڏکڻ، ڪوريا تي حملي ڪرڻ لاءِ آشيرواد مليل هو ۽ اترڪوريا پاران ڏکڻ ڪوريا تي حملي ڪرڻ منجهان، سوويت ۽ ڪوريائي ڪميونسٽ قيادت کي اُميد هئي، ته ڏکڻ ڪوريا ڪميونسٽ اڳواڻ ’سئنگمنِ ري‘ ان جنگ دوران اُتر ڪوريائي ڪميونسٽ صدر ’ڪم ال سنگ‘ جي حمايت ڪندو، پر ائين نه ٿيو. جنهن کان پوءِ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل، دنيا جي مُختلف سگهارن ملڪن کي پنهنجون فوجون آمريڪي جنرل ’مئڪ آرٿر‘ جي قيادت ۾ اترڪوريا خلاف موڪلڻ لاءِ چيو. پر حقيقت ۾ هن جنگ ۾ اقوام متحده جي فوج جي آڙ ۾،آمريڪي فوج وڙهندي رهي. ڪوريائي جنگ بُحراني صورتحالن جي مطالعي، پرڏيهي پاليسيءَ جي نزاڪتن ۽ جنگي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿي


Remember Me Also:

گلم

ذ . ع . قالِين . ف . گَلِيم = رِلِي. پَٽَ تي پکيڙڻ لاءِ وڏي فراسي ، فَراشُ ، غالِيچو ، فَرشُ، ٽَپَڙُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal